Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah

Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah

Share

ٽيم سيد ميان حاجي محمد حسن شاهہ

04/08/2026

04 آگسٽ 2026
ڪراچي: سينيئر اسپيشل سيڪريٽري صوبائي اسيمبلي سنڌ سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن جو امام حسين عليه السلام ۽ شهداء ڪربلا جي چاليهي جي موقعي تي شهيدان ڪربلا کي سلام ۽ پيغام
امام حسينؑ جي چاليهي جو ڏينهن اسان کي ڪربلا جي عظيم قرباني ياد ڏياري ٿو.
امام حسينؑ حق، انصاف ۽ سچائي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي.
ڪربلا جو پيغام هر دور جي انسان لاءِ روشني جو مينار آهي.
چاليهي جي موقعي تي عالم انسانيت جا سمورا ماڻهون امام حسينؑ کي عقيدت سان ڀيٽا پيش ڪندا آهن.
هي ڏينهن صبر، وفاداري ۽ استقامت جو سبق ڏئي ٿو.
امام حسينؑ ظلم آڏو ڪڏهن به سر نه جهڪايو.
سندن پاڪ قرباني اسلام کي هميشه لاءِ زندهه ڪري ڇڏيو.
ڪربلا اسان کي حق جي راهه تي ثابت قدم رهڻ سيکاري ٿي.
چاليهو محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪري ٿو.
امام حسينؑ جي ياد دلين ۾ ايمان جي روشني پيدا ڪري ٿي.
ڪربلا جي شهيدن جي قرباني هميشه ياد رکڻ جهڙي آهي.
امام حسينؑ انسانيت لاءِ بهادري ۽ وفا جو بهترين مثال آهن.
سندن زندگي هر مسلمان لاءِ بهترين رهنمائي آهي.
چاليهي جي موقعي تي دلين ۾ محبت ۽ عقيدت وڌي وڃي ٿي.
اسان کي به سچ، انصاف ۽ صبر جي راهه اختيار ڪرڻ گهرجي.
الله پاڪ امام حسينؑ ۽ سڀني شهيدن جا درجا بلند فرمائي.
ڪربلا جو پيغام قيامت تائين زندهه رهندو.
سلام هجي امام حسينؑ، سندن اهلِ بيتؑ ۽ وفادار ساٿين تي.
الله پاڪ اسان سڀني کي امام حسينؑ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.
جاري ڪندڙ: حافظ انور علي ساند: انفارميشن سيڪريٽري سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ

03/08/2026

صحبت صالح ترا صالح کند نيڪن جي صحبت به نيڪ بڻائيندي آهي
چڱن با عمل صالح ماڻهن جي صحبت وڏي غنيمت آھي
نيڪ ۽ صالحن جي صحبت اختیار ڪرڻ گھرجي ڇوته چڱي صحبت انسان جي اصلاح جو ذریعو آهي
سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ فائونڊيشن انساني خدمت جي خوبصورت مثال
سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ جي صحبت تربيت جو روشن مثال
سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب پاڻ انساني خدمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن
هر ويل هر وقت هر ٽاڻي انساني خدمت لائي ڪوشان آهن
ڪراچي جي رنگينن ۾ هجن يا ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن ۾ هجن هر وقت ماروئڙن ۽ ڏکويل انسانيت جو فڪر اونو سندن کي هوندو آهي
هاڻي پاڻ زڪر ڪريون ٿا سندن تنظيم فائونڊيشن ۽ جمائت جو قيادت جي خدمت ۽ سندس سبقن کي پڙهندي سندس جا ساٿي به انساني خدمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ۽ روشن مثال آهن
فائونڊر ميمبر ۽ بزرگ ساٿي مرحوم حاجي ممتاز علي زندپور مرحوم حاجي غلام محمد نهڙي مرحوم استاد علي محمد منون هاليپوٽو جي انساني خدمت ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي فيصلا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ايڊوائزر هجڻ ناتي پيرسني جي حالت ۾ به قبلا سائين جن جي ڳوٺ آمد تي صبح 9 بجي کان رات جي پوئين پهر هڪ بجي تائين مختلف ماڻهن جا فيصلا ڪندي الجهيل سٽ سلجهائيندي نبيرا ڪندي سندن وقت گزرندو هو سندن تجربي ڏاهپ دور انديشي سبب سوين گهرن جون محبتون بحال آهن سوين ويڙهن گهراڻن ۾ خوشين مرڪيو آهي سوين وڇڙيل سالن کان هڪٻئي کان پري ويل پاڻ ۾ مليا رنجشون ختم ٿيون ٿر جي ڪس جو علائقو امن جو گهوارو آهي
بزرگن سان گڏ سندس ٽيم جا نوجوان ينگ جنريشن به گهٽ ڪانهي ينگ جنريشن جي به اڻڳڻيون انساني خدمت آهن سوين روشن مثال آهن
سندن صحبت تربيت جو روشن مثال سندن پي ايس جمائت جو ايڪٽو ميمبر آصف علي ساند تازو انساني خدمت ۽ رشتن سان وفا جو عظيم مثال قائم ڪندي پنهنجي ڀاء پنهنجو گڙدو عطيو ڪرڻ جو فيصلو ضروري ٽيسٽن لائي
ڪراچي اسپتال ۾ موجود آصف علي جي انهي قدم ساراهيندي قبلا سائين ۽ سموري جمائت کي سلام پيش ڪريون ٿا جلد صحتيابي ۽ انهي ڪاوش جي ڪاميابي لائي دعاڳو آهيون
مٿي زڪر ڪيل بزرگ ساٿين جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪندي بلند درجات لائي دعاڳو آهيون

Photos from Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah's post 31/07/2026

مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کڙيون کيھ ڀَڪليون، پگھر سر پيرن،
اِيءُ وڙُ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لـکيا.
31 جولائي 2026 اڄ جمعي ڏينهن محسن ٿر ۽ ڪس سيد سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ جي آمد جو ٻڌي سيد هائوس چيلھ تي ٿر ۽ ڪس جي مختلف ڳوٺن کان سوين ماڻهن جي آمد محبتن جو مانڊاڻ مچيو
محبتن مرڪيو پيار جي ورهاست ٿي امن جا پيغام پڙهايا ويا رٺلن کي ڀاڪرن ڀرين پرچايو ويو سوين پنڌ ڪري آيل ماڻهن جي الجهيل سٽن کي سلجهائي صحيح دڳ لاتو ويو
اميدون کڻين آيل سوين ماروئڙا کلي خوش ٿي مانجهاندو ڪري محبتن جا انبار کڻين پنهنجي ماڳن روانا

29/07/2026

29 جولائي 2026
نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيُنِ کي
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جہ ڏِٺو مُنھُن مَحۡبُوبَ جو
ڪراچي: سينيئر اسپيشل سيڪريٽري صوبائي اسيمبلي سنڌ سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن پاران عظيم شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي گهوٽ جي 283 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي پيغام مبارڪباد
شاعرن جي سَرتاج شاھ عَبداللطيف ڀِٽائي جو 283 هُون عُرس عالم اِنسانيت کي مُبارڪ هُجي.
شاھ سائين اهو واحد شاعر آهي جنهن جي بيت جي هر سٽ ڳائجي ٿي
شاھ صاحب جو پيغام امن محبت ۽ ڀائچاري جو آهي ۽ ان جي شاعري دنيا کي امن جو پيغام ڏنو آهي
شاهه سائين جي شاعري محبت امن رواداري برابري وطن سان وفاداري ۽ انسانيت جي خدمت جو لازوال پيغام به آهي جيڪو اڄ به هر دور ۾ انسانن لاءِ روشنيءَ جو مينار آهي
اسان سڀني کي گهرجي ته شاهه لطيف جي فڪر، محبت ڀائيچاري ۽ انسان دوستي جي پيغام کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون
جاري ڪندڙ: حافظ انور علي ساند انفارميشن سيڪريٽري سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب

28/07/2026

سڏيندين سڪ ۾ روز نھاريا راھ
اڄ منهنجي اکين پڄاڻي آس الله
صدقي ڪيان ساھ تو اڱڻ اچي اجاريو
اسلام عليڪم
سڀني سڄڻن ملڻ جي سڪ ۽ اڪير رکندڙن محبوبن کي آگاھي ڏجي ٿي ته محسن ٿر ۽ ڪس سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن 31 جولائي 2026 جمعي جي ڏينهن صبح 09 بجي کان منجهند 01 بجي تائين ڳوٺ واري بنگلي تي موجود هوندا
نوٽ: شيڊيول ۾ ڪا ترميم تبديلي ٿي ته اوهان سڄڻن کي آگاھ ڪيو ويندو
حافظ انور علي ساند انفارميشن سيڪريٽري سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب

Photos from Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah's post 21/07/2026

21 جولائي 2026
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ميٽنگ چيئرمين پي اي سي ايم پي اي نثار احمد کهڙو صاحب جن جي زير صدارت ٿي گزري
ايم پي اي قاسم سراج سومرو صاحب سيڪريٽري پي اي سي سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کاتو ڪميٽي ميمبرز سيڪريٽرين ۽ آفيسرز جي شرڪت

Photos from Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah's post 15/07/2026

13جولائي 2026
سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن جي ڀاڻيجي ميمبر ضلع ڪائونسل ضلع ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي عمرڪوٽ سيد غلام رسول شاھ صاحب جن پاران جمائت جي سينيئر ساٿي استاد علي محمد عرف منون حاليپوٽو جي خيرات ڏهي جي دعا ۾ شرڪت

Photos from Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah's post 12/07/2026

ڪراچي 10 جولائي 2026
اسپيڪر صوبائي اسيمبلي سنڌ سيد اويس قادر شاھ صاحب جن جي زير صدارت استادن جي ڀرتين ويٽنگ لسٽ ۽ پاليسي امور بابت قائم ڪميٽي جو اجلاس سنڌ اسيمبلي ۾ ٿي گزريو
استادن جي ڀرٿين ۽ ويٽگ لسٽ بابت اهم فيصلا
اجلاس ۾ صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ صاحب
اپوزيشن ليڊر سنڌ اسيمبلي علي خورشيدي صاحب سنڌ اسيمبلي ميمبرز جميل احمد سومرو صاحب تنزيلا ام حبيبه صاحبه محمد راشد خان صاحب محمد شبير قريشي صاحب سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي غلام محمد عمر فارق ٻرڙو صاحب سيڪريٽري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب سيڪريٽري تعليم کاتو نثار علي صاحب سيڪريٽري قانوني معاملا ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪريٽريز آفيسرز شرڪت ڪئي

Photos from Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah's post 08/07/2026

08 جولائي 2026
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي ميٽنگ چيئرمين پي اي سي ايم پي اي نثار احمد کهڙو صاحب جن جي زير صدارت ٿي گزري
ايم پي اي قاسم سراج سومرو صاحب ايم پي اي خرم ڪريم سومرو صاحب سيڪريٽري پي اي سي سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب سيڪريٽري ايريگيش کاتو ڪميٽي ميمبرز سيڪريٽرين ۽ آفيسرز جي شرڪت

Photos from Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah's post 07/07/2026

03 جولائي 2026
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
ڳوٺ خان محمد محمد راجپوت: محسن ٿر ۽ ڪس سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن پاران پنهنجي جمائت ساٿين دوستن سان گڏ غلام سرور راجپوت سندس برادري پاران امام حسين عليه السلام سندس ساٿين شهداء ڪربلاء جي ياد ۾ سالانه ٿيندڙ محفل ۾ شرڪت
غلام سرور راجپوت (صدر ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن) ضلع عمرڪوٽ سيٺ اڪرم راجپوت سندس ڀائرن راجپوت برادري پاران آجيان
محفل ۾ شريڪ ماڻهن کي نصيحتن سان ڀرپور فهم ڀريون ڳالهيون ٻڌايون
امام حسين سندس ساٿين جي شهادت ڪربلا واقعي تي روشني وڌي
پاڻ ۾ ايڪو اتحاد ٻڌي ڀائيچارو قائم ڪريو
محبتن کي فروغ ڏيو نفرتن ڪروڌ ڪيني کي پاڙان ڦٽي ڪيو
پنهنجي پاڙي جو خاص خيال رکو
سماجي معاشرتي برائين کي ننديو انهن جي روڪٿام لائي پنهنجو ڪردار ادا ڪريو
پنهنجي اولاد خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي خاص توجه ڏيو

Want your business to be the top-listed Beauty Salon in Karachi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Website

Address

Karachi/Umerkot/Cheel Band
Karachi